ڊاڪٽر دين محمد ڪلهوڙو

ڊاڪٽر دين محمد ڪلهوڙو

دين محمد ڪلهوڙو ڊاڪٽر

دين محمد ڪلھوڙو، ڊاڪٽر: اديب، محقق، نقاد، پبلشر ۽ ايڊيٽر ڊاڪٽر دين محمد ولد محمد پناھھ ڪلهوڙي، پھرين جنوري 1969ع تي تعلقي قنبر جي ڳوٺ ڀاوندا لاکا ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ڀاوندا لاکا، قنبر، نصيرآباد ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. جڏھن تھ ايم ايس. سي (بايوڪيمسٽري) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان، ايم. اي (سنڌي ادب) جي ڊگري 1998ع ۾ شاھھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان، بي. ايڊ (2004ع) ساڳي يونيورسٽيءَ مان ۽ ايم. فل 2016ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. 2024ع ۾ ‘محبت ٻرڙي جي سنڌي ٻوليءَ تي ڪيل ڪم جو تنقيدي اڀياس’ جي عنوان سان تحقيقي مقالو لکي Ph.D جي ڊگري حاصل ڪئي. 1989ع ۾ ڪجهه دوستن سان گڏجي ‘ڳوٺ سڌار سنگت’ جو بنياد وڌو. 1990ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ، قنبر جو ميمبر ٿيو. 1992ع ۾ رجسٽريشن کاتي، لاڙڪاڻي ۾ فيلڊ ورڪر رھيو. 96-1995ع ۾ شاھه لطيف ڪاليج، قنبر ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪيمسٽريءَ جو مضمـون پڙھـايو. ھن صحـافـت جـي شروعات روزاني ‘جـاڳــو’ اخبار ڪراچيءَ کان ڪئي، جنھن جو 1998ع کان ٻن سالن تائين سب ايڊيٽر، ان جي هفتيوار ادبي صفحي ‘سرهاڻ’ ۽ پوءِ ‘تنوار’ جو انچارج ۽ ايڊيٽوريل صفحي جو نگران رهيو. ڪجهه عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ‘انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا’ ۽ ‘دفتري سنڌي’ وارين رٿائن ۾ به ڪم ڪيو. 2002ع ۾ قنبر مان نڪرندڙ پندرھن وار اخبار ’ساوڪ‘ جي ادبي صفحي جو نگران رھيو. 2005ع کان سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري ۾ پبليڪيشن آفيسر، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر، پبلڪ رليشن آفيسر، ايڊيٽر ‘گل ڦل’ ۽ انچارج ايڊيٽر ‘ٽماھي مھراڻ’ رھيو. 2011ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) مقرر ٿيو. ‘آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان قنبر شھدادڪوٽ ايٽ قنبر’ جو وائيس چيئرمئن، اُن جي ترجمان رسالي ‘سرواڻ’ جو ايڊيٽر (اعزازي) ۽ قنبر شھدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ ھسٽاريڪل سوسائٽي جو سيڪريٽري آهي. سندس ڪھاڻيون، مضمون ۽ مقالا مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘قنبر تعلقو- ڄاڻ سڃاڻ’ (2006ع)، ‘گل ڦل چونڊ ڪھاڻيون’ (2008ع)، ‘قنبر شھدادڪوٽ ضلعو- تاريخ جي وھڪري ۾’ (2011ع) ۽ ‘مھراڻ-(ڊاڪٽر بلوچ نمبر، ترتيب: 2012ع)، ‘اُڀر چنڊ پس پرين’ (ترتيب)، ‘نسيم ٿيٻو جون ڪھاڻيون’ (2012ع)، ‘ماڻهو مڻيادار: پير الاهي بخش’ (ترتيب ۽ ايڊٽ: 2013ع)، ‘تعليمي انقلاب’ (ٻين ساٿين سان گڏ ترتيب: 2014ع) ۽ ‘سنڌ جو قديم تاريخي ورثو’ (ترتيب ۽ ايڊٽ: 2021ع) شامل آهن. ڊاڪٽر دين محمد کي ادبي ۽ سماجي خدمتن عيوض مختلف اوارڊ پڻ مليا آهن، جن ۾: عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاران ‘ڊاڪٽر تنوير عباسي اوارڊ’ (2012ع)، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان قنبر شھدادڪوٽ پاران ‘مڃتا اوارڊ’ (2012ع)، قنبر شھدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ‘مڃتا اوارڊ’ (2014ع)، ششميڪو براھوي ادبي سيمينار ڪراچي ۾ ‘مولانا محمد فاضل دُرخاني اوارڊ’ (2014ع)، قنبر شھداد ڪوٽ ضلعي انتظاميه پاران ‘Colours of Qambar Shadadkot اوارڊ’ (2018ع) ۽ قنبر شھدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ ثقافت کاتي، سنڌ پاران ‘مڃتا اوارڊ’ (2019ع) شامل آهن. هن وقت بوائز هاير سيڪنڊري اسڪول محمد بخش شورو، قاسم آباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.01.01  عيسوي

اديب، محقق، نقاد، پبلشر ۽ ايڊيٽرڊاڪٽر دين محمد ولد محمد پناھھ ڪلهوڙي، پھرين جنوري 1969ع تي تعلقي قنبر جي ڳوٺ ڀاوندا لاکا ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انيس گل عباسي
صابري عبدالغفار مولانا
صديق سالڪ برگيڊيئر
غلام مصطفيٰ سولنگي 2
ليلارام رچنداڻي
غلام محمد بلو
ضراب حيدر
رزاق سروهي
گنو سامتاڻي
شاهه محمد گاڏهي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون